Monday, April 15, 2013

سنڌ سلامت 15.4.2013

سنڌ سلامت جا عزيز دوستو السلام عليڪم
سنڌ سلامت فورم جي چوٿين سالگره جي موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪباد. هوئن ته سنڌ سلامت فورم جو تجرباتي آغاز ڪجهه ڏينهن پهريان ٿيو هو پر فورم کي باقائده 14 ۽ 15 اپريل 2009 جي وچ واري رات لانچ ڪيو ويو هو.
فورم کي شروع ڪندي هن وقت 4 سال ٿي چڪا آهن. شروع شروع ۾ ڪجهه دوست فورم جي رونق وڌائڻ پيش پيش هوندا هئا پر افسوس هاڻي اهي پنهنجي پنهنجي مجبورين ڪري اسان سان گڏ نه آهن. خوشي جي ڳالهه اها آهي ته انهن جي جڳهه ٻين دوستن وٺي ورتي آهي ۽ رونق جو سلسلو اجهائڻ نه ڏنو آهي.
گذريل چئن سالن ۾ سنڌ سلامت جو رنگ ۽ روپ پڻ بدلبو رهيو آهي بلڪه ڏٺو وڃي ته پوري انٽرنيٽ تي سنڌي جو نقشو تبديل ٿي چڪو آهي. هاڻي انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليءَ جي سائيٽس جو ڪافي اضافو ٿي چڪو آهي. سنڌي بلاگز کان علاوه سنڌي اخبارن ۽ ٻين سائيٽس جو پڻ خاطر خواه اضافو ٿي چڪو آهي.
هاڻي ڪمپيوٽر يا انٽرنيٽ تي سنڌي لکڻ پهريان کان ڪافي آسان ٿي چڪو آهي. گوگل تي سنڌي لفظ جي ڳولا تي نت نين سائيٽن جو پتو پئجي رهيو آهي. هاڻي ته سرچ انجنز تي سنڌي سائيٽس جو مقدار پڻ ڪافي انڊڪس ٿي چڪو آهي. ڪنهن شعر جي هڪ مصرعي جي ڳولا ڪجي ته ٻيو مصرعو ته ڇا پورو غزل ملي سگهي ٿو. انهن سمورين تبديلين ۾ سنڌ سلامت مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌي ٻولي جي ان اوسر جو سلسلو جاري آهي ۽ انشاء الله جاري رهندو.
سنڌ سلامت فورم جو گذريل سال سڀ کان اهم ۽ انتهائي يادگار سال رهيو آهي. هن سال فورم کي نئين سافٽويئر زين فورو تي منتقل ڪيو ويو. هوئن ته اڳ ئي سنڌ سلامت فورم سافٽويئرس جي منتقلي جي مرحلي مان گذريو آهي پر زين فورو تي منتقلي يادگار ۽ منفرد آهي. ان تبديليءَ جون ڪجهه يادون هن لنڪ تي ملي سگهن ٿيون.
سنڌ سلامت فورم جي سالگره جي موقعي ته جتي اسان پنهنجي گذريل ڪارڪردگين جو جائزو وٺنداسين اتي نئين سال لاءِ ڪجهه ٽارگيٽس جو تعين پڻ طئي ڪنداسين. سنڌ سلامت فورم تي اڄ جيڪا رونق موجود آهي يقينن اها توهان سڀني مهربانن ڪري آهي اهو ئي سبب آهي ته سنڌ سلامت جي هر ڪاميابي پٺيان رڳو انتظامي رڪن نه پر عام رڪن پڻ شامل آهن.
سنڌ سلامت جي سالگراه جي موقعي ته ايندڙ ڪجهه پروجيڪٽس جي حوالي سان پڻ دوستن کي آگاهي ڏيڻ چاهيندس ته جيئن اسان جا ٽارگيٽس اسان کي پنهنجي منشور طور هر وقت ياد رهن.
سنڌ سلامت تعليم
سنڌ سلامت جا چاهيندڙ هميشه سنڌ سلامت انتظاميه کي ورچوئلي ڪم کي اڳتي وڌائيندي ڪجهه عملي ڪمن جا مطالبا ڪندا رهندا آهن پر مالي مجبورين کي ڏسندي ڪوششون اڌوريون رهجي وڃڻ جا انديشه رهندا آهن. ان باوجود هن تعليمي سال کان سنڌ سلامت تعليمي ميدان ۾ پڻ قدم وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ۽ سنڌ سلامت جي نائب منتظم محترم علي ظفر المعروف علي علي جي مالي سهائتا سان سنڌ سلامت پبلڪ اسڪول جو قيام عمل ۾ آندو آهي. جنهن کي فعال طور ڪم ڪرڻ لاءِ ڪجهه غير سرڪاري تنظيم سان رابطي جون ڪوششون پڻ جاري آهن ۽ ادا ايس ايم درس پڻ پنهنجي ڪوششن ۾ رڌل آهي ته جئين سنڌ جي ڏورانهين علائقن ۾ مفت ۽ بهترين تعليم آڻي سنڌين ۾ علم جي شمع کي چمڪائي سگهجي. ان سلسلي ۾ جلد تفصيل پيش ڪيا ويندا
سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن سافٽويئر
هن پروجيڪٽ جي انچارج محترم رحيم بخش ڏاهري صاحب جن مسلسل ڪوششن سان پروجيڪٽ جي طئي ٿيل مختلف مرحلن مان ڪاميابي سان گذري رهيا آهن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي هن ڏکئي ۽ وقت گهرندڙ پروجيڪٽ کي انشاء الله هن ئي سال مڪمل ڪري وٺندا. هن پروجيڪٽ تي ٿيندڙ اپڊيٽ کي هتي ڪلڪ ڪري معلوم ڪري سگهجي ٿو.
سنڌ سلامت سنڌي کان انگريزي ۽ انگريزي کان سنڌي ڊڪشنري
پروجيڪٽ جي انچارج محترم عبدالحفيظ لغاري هن پروجيڪٽ تي ڪافي اڳڀرائي ڪري چڪا آهن. ڪجهه دوستن پڻ سندن ڪم ۾ ڪافي ساري مدد ڪئي آهي. اميد ته پي ايڇ ڊي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هاڻي هن پروجيڪٽ کي پاڻ وڌيڪ وقت ڏيندا ۽ جلد ئي ان سلسلي ۾ ٿيل اڳڀرائي سموري ساٿ سامهون آڻيندا.
سنڌ سلامت فونٽ سرور
هي هڪ اهڙو سرور اسڪرپٽ هوندو جنهن تي سنڌي ٻولي جي سمورن فونٽس کي هڪ بهترين تريب سان سائيٽ تي اپلوڊ ڪيو ويندو جتان نه صرف هڪ ئي وقت سمورن سنڌي فونٽس تائين پهچ آسان هوندي بلڪه فونٽ کي ڊائونلوڊ ڪرڻ، فونٽ کي سائيٽ تي امبيڊ ڪرڻ ۽ فونٽ بابت مڪمل معلومات ۽ تفصيل موجود هوندا. پروجيڪٽ انچارج محترم سجاد علي چنا پنهنجي ڪاوشن کي مناسب صورت ڏيندي جلد ساٿ اڳيان پيش ڪندا.
سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نئين ترتيب
محترم سليمان وساڻ جي مسلسل محنتن سان سنڌي ڪتاب گهر ۾ اي ڪتاب جي صورتن ۾ ڪافي اضافو ٿي چڪو آهي. ڪوشش آهي ته ڪتاب گهر کي وڌيڪ بهتر ۽ ڪتابن بابت معلومات ۽ ڳولا کي وڌيڪ آسان ۽ سهل بنائڻ لاءِ ڪتاب گهر جي نئين سر بهتر ترتيب ڏني ويندي.
سنڌ سلامت ڊائونلوڊ سيڪشن
ڪافي وقت کان سنڌ سلامت جو هو مشهور سيڪشن ڪجهه اخلاقي رڪاوٽ ڪري پوئتي رهيل آهي ڇو ته فورم تي ڪريڪ ۽ پيچز کي سنڌو سئون شيئر ڪرڻ جي اجازت رکيل نه آهي. ايندڙ سال هن سيڪشن کي بهتر ترتيب ڏني ويندي. ۽ فورم تي فري ويئر سافٽويئر جي سلسلي کي متعارف ڪرائڻ کان سواء پروفيشنل سافٽويئرس جا بهتر لنڪس ڏسيا ويندا گڏ پيچز ۽ ڪريڪس بجاءِ سيريل ڪيز پيش ڪرڻ جي ڪچهري آفر پڻ پيش ڪئي ويندي.
سنڌ سلامت ٽيوب
هي ڪو يوٽيوب جو متبادل اسڪرپٽ نه هوندو پر مختلف سائيٽس تي موجود سنڌي موسيقي کي هڪ خاص ترتيب سان سنڌ سلامت تي پيش ڪيو ويندو. جيئن ته يوٽيوب ان سلسلي ۾ هڪ وڏو ڊيٽابيس رکندڙ سائيٽ آهي ان ڪري سنڌ سلامت ٽيوب جو گهڻو انحصار پڻ يوٽيوب تي هوندو. جيئن ئي حڪومت طرفان يوٽيوب تان پابندي کڄندي سنڌ سلامت ٽيوب کي عمل ۾ آندو ويندو.
سنڌ سلامت فورم سافٽويئر کي نئين ورجن تي اپڊيٽ ڪرڻ
سنڌ سلامت فورم کي گذريل سال آڪٽوبر ۾ زين فورو جي 1.1.2 ورجن تي انسٽال ڪيو ويو هو. ڊيڊ اسڪرپٽ سڏائيندڙ هي اسڪريپٽ پنهنجي ابتدا کان پريشانين جو شڪار آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٽئين سال ۾ پهچندي پڻ پنهنجو ٻيو ورجن پيش نه ڪري سگهيو آهي. ان جو اهو مقصد بلڪل به نه آهي ته زين فورو ناڪام ٿيو آهي. ڇو ته گذريل ٻن سالن هڪ انداز مطابق لڳ ڀڳ 2 لک وي بليٽن فورم هن اسڪرپٽ تي منتقل ٿي چڪا آهن. ان ڪري زين فورم انتظاميه کين مڪمل سپورٽ ڏيڻ ۾ پيش پيش آهي. سنڌ سلامت تي انسٽاليشن کان پوءِ اسڪرپٽ جا ٻه اپڊيٽ اچي چڪا آهن. ان ڪري سنڌ سلامت کي وڌيڪ بهتر پوزيشن ۾ آڻڻ لاءِ فورم کي ترت 1.1.4 اپڊيٽ تي آندو ويندو جنهن کان پوءِ سنڌ سلامت تي ڪجهه اضافي پلگ انس انسٽال ڪري سگهبا.
سنڌ سلامت ايوارڊ
هميشه وانگر هن سال به سنڌ سلامت طرفان سال جي آخر ۾ پنهنجي انهن رڪنن کي ايوارڊ ڏيندي جن سنڌ سلامت تي اچي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. اهڙن ايوارڊس جو جلد اعلان ڪيو ويندو.
آخر ۾ مان پنهنجي پياري دوست عمران علي ”درويش“ سومرو جي سنڌ سلامت جي سالگره تي تيار ڪيل نڪور ڊيزائننگ شاعري پيش ڪندس جيڪا پاڻ سمورن سنڌ سلامت جي ساٿين جي نانء ڪئي آهي... سندس لک لائق



محترم ذيشان رشيد جي تحرير

سنڌ سلامت